ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪاروباري ??بقي کي بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ??ي فروغ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ??يوارڊ حاصل ڪندڙ ڪمپنين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اميد آهي ته مستقبل ۾ انهن ڪمپنين جي انگ ۾ اضافو ٿيندو، انهن ڪمپنين ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڏي پئماني تي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ??هن. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي، اها تاريخي ڪاميابي ملڪ ۾ وڌيڪ سڌارن جي اڳڪٿي ??هي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان کي ان شاندار ڪاميابي جي تسلسل کي جاري ??کڻو آهي. هن چيو ته ڪاروباري ??ڳواڻن کي ڊيجيٽل انقلاب ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ بجلي چوري ??ي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا ??هن، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ??ي فروغ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا ??هيون. هن چيو ته واپاري ??رادري ملڪي معيشت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هي آهي. هن چيو ته پاڪستان اي سي او سميت ٻين اهم فورمز جو اهم حصيدار آهي، پاڪستان جي لاءِ آفريقي ملڪن، خطي ۽ ان کان ٻاهر واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، عالمي منڊين کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات تيار ڪن، ڪاروباري ماڻهو ٻاهرئين ملڪ منڊين ۾ پهچ ۽ ڪاميابي کي پنهنجو هدف بڻائين، اسان کي مستقبل م چين ۾ ايندڙ وڏي سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي سان عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جو قيام اهم سنگ ميل آهي، ان سان وڏي پئماني تي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ??ڻڻ ۾ مدد ملندي، غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري ??وست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چونداسين، رخ جي درستگي سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري ??گهجن ٿيون، خواهش آهي ته اهڙا قدم کڻون جن سان ايندڙ حڪومت جي لاءِ آسانيون پيدا ٿين. هن چيو ته هر شعبي کي پنهنجي صل??حيت استعمال ۾ آڻڻ سان ڪاميابيون حاصل ٿينديون، ملڪ جي خوشحال مستقبل جي لاءِ پراميد آهيان. هن چيو ته وڏين ڪمپنين کي فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اسان ملڪي معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا ??هيون، ڪاروبار سان واڳيل سمورن ادارن جي تعاون سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاميابي حاصل ڪئي، 2023ع ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سڌارن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا آيا ??هن، ملڪي مفاد ۾ مشڪل فيصلا ڪيا ??هن. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار ۾ بهتري ??ي لاءِ درآمدات تان پابندي کنئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اسلامڪ فنانس جي شموليت جا مثبت نتيجا سامهون آيا، پي ايس ايڪس جو شمار دنيا ??ي بهترين اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ ٿي ??هيو آهي، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ??ي فروغ ۾ مدد ملي رهي آهي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم اسٽاڪ ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پڻ شرڪت ڪئي.