راولپنڊي-12 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگ??دن سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ آپگهاتي حملي جي نت??جي ۾ عمارت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگ??دن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگ??دن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، جنهن جي نت??جي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن دوران دهشتگ??دن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نت??جي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين دوران هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. 12 ڊسمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشتگ??دن جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد ??ؤڪي ۾ داخل ٿيا ۽ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ر??ڪي?? ويو ته هن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نت??جي ۾ ڌماڪي سبب عمارت ڪِري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي ج??اب?? ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد ??ي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.