اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي باني پاڪ??تا?? قائداعظم محمد علي جناح کي سندس 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ۽ جدا خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري قوم محسن پاڪ??تا?? قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿ??، باني پاڪ??تا?? قائداعظم محمد علي جناح پاڪ??تا?? جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهب??، لساني ۽ ??نه?? فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته باباءِ قوم پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪري پاڪ??تا?? جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي باباءِ قوم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ٻين اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪ??تا?? کي هڪ عظيم ۽ مضبوط تر ملڪ بڻائينداسين.