اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري اداڪار نثار قادري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ ??فس??س جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ??فس??س ٿيو. مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. پاڪستان ٽيليويزن سميت فلمز، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ نثار قادري جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿي??دڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.