لاهور – 01 – جنوري (??ي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿ??، ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ ??مو??يون سهولتون فراهم ڪندي. هو بز??س في??يل?? ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بز??س ڪميونٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بز??س في??يل?? ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ ??مو??يون سهولتون ميسر هونديون، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ ??مو??يون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن سان روزگار جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بز??س في??يل?? ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪاروبار جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي حڪومت پاران ڪاروباري شعبي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪاروبار جي فروغ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.