اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته ڀارت?? ايجنٽس پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي قتل ڪيو، ڀارت?? ايجنٽس کي ٺوس ثبوتن تي حراست ۾ ورتو ويو، هو پاڪستان ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڌوسنئون ملوث هو، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ٻڌايو ته عالمي سطح تي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارت?? ايجنٽس جا تفصيل موجود آهن، ٻن ڪيسز جا تفصيل ش??ئر ڪنداسين ڪجهه ڪيسز اڃا جاچ هيٺ آهن، جاچ مان خبر پئي ته ڀارت?? ايجنٽ يوگش ڪمار ان ۾ ملوث آهي، اشوڪ ڪمار ۽ يوگش ڪمار ڀارت?? ايجنٽس جي ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن جي ذريعي انهن ايجنٽس جي خبر پئي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي پڻ راولا ڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارت?? ايجنٽ اجرتي قاتل جي ذريعي محمد رياض کي قتل ڪرايو، سيڪيورٽي فورسز اجرتي قاتل کي گرفتار ڪيو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارت?? ايجنٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ ملوث ڏٺو ويو. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارت?? ايجنٽس جا اعترافي بيان به آهن جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آهن، اسان وٽ فنانشل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آهن، انهن ايجنٽسن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ ش??ئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه چئي رهيا آهيون ڪئناڊا ۽ آمريڪا به اهڙي طرح جي ڪاررواين جي نشاندهي ڪئي.