اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، ??حت جي نظام تي بار پوي ٿو، بيمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي ??حت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي مرضن جي حوالي سان پناهه جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مرضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، مسجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آگاهي پيغام وڏي پئماني تي ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين بابت آگاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان پناهه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پناهه عوامي آگاه?? جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ??ري رهي آهي، پناهه هيستائين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ??ري چڪي آهي، پناهه صحتمنداڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي بابت به آگاهي پيدا ??ري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگ?? جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي مرضن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.