اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چي?? آهي ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آ??ي جنهن کي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 3 سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نان فائلرز جي ڪيٽيگري نه ه??ند??، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پ??ند??. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير چي?? ته ملڪ ??ي ميڪرواڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، ڪرنسي گذريل ڇهه ست مهينن کان مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن، ناڻي واڌ کي اسان 38 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو تائين آندو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آ??ي جنهن کي برقرار رکنداسين. هن چي?? ته هن وقت اسانجي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 9 سيڪڙو آ??ي جنهن کي ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي. ايف بي آر ۾ خامين کي ختم ڪرڻ ۽ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽيلائز ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چي?? ته نان فائلرز جي ڪا ڪيٽيگري نه ه??ند??، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پ??ند??، ريٽيلرز ۽ ريئل اسٽيٽ جو ٽيڪس نيٽ وڌائينداسين. هن چي?? ته بجيٽ ۾ ضرورتمند طبقي جي مفادن جو خيال رکيو ويو آهي، خساري سان هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو عمل ٽن سالن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن چي?? ته ايس او ايز ۽ پاور سيڪٽر جا سڌارا پڻ اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن.