اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ?? ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ، نجي شعبي جي ننڍي پاڻي منصوبن جي لاءِ اسٽينڊرڊ رائيزڊ سيڪيورٽي ڊاڪيومينٽ، گلگت بلتستان ۾ ??جل?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڪميٽي، ??جل?? جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيت وڌائڻ، ??جل?? چوري جي روڪٿام ۽ بلن جي وقت سر وصولي جي لاءِ ڊسڪوز سپورٽ ي??نٽ قائم ڪرڻ ۽ ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي لاءِ ترغيبي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، اوگرا چيئرمين مسرور خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ پيٽروليم ريفائنريز جي شعبي جي ترقي ۽ ان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي. وزيراعظم جي سربرا??ي ۾ ڪميٽي موجوده ريفائنريز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پيٽروليم واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ قائم آئل ريفائنريز کي اعتماد ۾ وٺي انهن جي ترجيحي بنيادن تي اپ گريڊيشن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي. ڪميٽي کي ??جل?? جي شعبي جي جولاءِ 2023ع کان مئي 2024ع جي گردشي قرضن جي تفصيلي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مئي 2024ع تائين ??جل?? جي شعبي جي گردشي قرضن جو ڪاٿو 2655 ارب رپيا رهيو. ڪابينا ڪميٽي نجي شعبي جي ننڍي پاڻي منصوبن جي لاءِ پاور پاليسي 2015ع تحت اسٽينڊرڊ رائيزڊ سيڪيورٽي پئڪيج ڊاڪيومينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم جو مقصد ??جل?? جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري جو فروغ ۽ ٽيرف ۽ ٻين معاملن کي جلد اڪلائڻ آهي. وزيراعظم گلگت بلتستان جي عوام جي ??جل?? جي فراهمي جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جو فيصلو ڪندي گلگت بلتستان ۾ ??جل?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حڪمت عملي جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ??جل?? جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيت وڌائڻ، ??جل?? چوري جي روڪٿام ۽ بلن جي وقت سر وصولي جي لاءِ ڪميٽي ڊسڪوز سپورٽ ي??نٽ قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڊسڪوز سپورٽ ي??نٽ جو مُدو وفاقي ڪابينا کان منظوري کان وٺي ٻن سالن تائين جو هوندو. ڊسڪوز سپورٽ ي??نٽ جي شروعات ملتان اليڪٽرانڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) کان ڪئي ويندي. ڪميٽي ??جل?? جي غير ادا ٿيل ۽ ختم عيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي لاءِ ترغيبي پئڪيج جي پڻ منظوري ڏني. ان پئڪيج تحت ??جل?? جي غير ادا ٿيل ۽ ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڊسڪوز جي اهلڪارن کي انعام سان نوازيو ويندو.