اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت ??و اعلان ڪيو. هن ميتن جي پاڪستان ??اپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪستاني زخمي ??هرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان ??وجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کانسواءِ عوام جي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن هفتي جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي وزارت جي سطح تي دورن جي مٽاسٽا تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جي لاءِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.