اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ?? ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان ?? استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي قيادت ۾ پاڪستان ?? ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ?? ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.