ڪراچي – 26 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بوهره ڪميونٽي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب صدر اهڙن خيال?? جو اظهار بوهره ڪميونٽي جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته بوهره ڪميونٽي پاڪستان جي معيشت ۽ ڪاروباري شعبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي. هن چيو ته بوهره ڪميونٽي جي تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. صدر سماجي خدمتن جي شعبي ۾ پاڪستان جي لاءِ سيدنا مفضل سيف الدين جي خدمتن کي ساراهيو.