لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جا 5 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قرباني?? کي خراج تحسين ??يش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019 وارا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جون ??ڃڪڙيون آهن، جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ??شمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، غيرجانبدار ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف لازوال قربانيون ??ئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ??شمير ۾ ناپاڪ ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي رهيو آهي جنهن سان ڏکڻ ??يش??ا ۽ خطي لاءِ سنگين خطرا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون ٺهرائون ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ??شمير تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيد?? کي انهن جي لازوال قرباني ۽ انهن جي پونئر?? کي ان عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت ??يش ڪيون ٿا.