اسلام ??با?? – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي معدني ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان چاغ?? منرل لنگهه جو قيام عمل ۾ آ??دو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان صوبي سان لا??اپيل مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي معدني ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان چاغ?? منرل لنگهه جو قيام عمل ۾ آ??دو پيو وڃي، چاغ?? منرل لنگهه ۾ ڪيترائ?? منصوبا غور هيٺ آهن. هن چيو ته چاغي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي معدني ذخيرن جي گوادر بندرگاهه تائين پهچ ممڪن بڻائڻ جي لاءِ چاغي کان گوادر تائين ريلوي لائين تعمير ڪئي ويندي، چاغي ۾ بجلي سپلائي جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان گرڊ اسٽيشن قائم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته علائقي ۾ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان پڻ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ۽ ان حوالي سان عملي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم کي نوڪنڊي شهر جي ترقي جي حوالي سان نوڪنڊي ماسٽر پلان جي ح??مت عملي تي بريفنگ ڏني.