اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميج?? طفيل محمد (نش??ن حيدر) کي سندس 66هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميج?? طفيل محمد شهيد جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميج?? طفيل محمد شهيد (نش??ن حيدر) جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميج?? طفيل محمد شهيد (نش??ن حيدر) پنهنجي زخمن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مشن کي پورو ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ميج?? طفيل محمد شهيد (نش??ن حيدر) جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي ??وم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. پاڪستاني قوم هٿياربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.