اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي تي ڪچي جي ڌاڙيلن ج?? حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪند?? حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهل??ار?? جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف سخ?? ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ت?? حملا برداشت نه ڪيا ويندا. صدر واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهل??ار?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد پوليس اهل??ار?? جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.