اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ ن??ٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪيو ويندو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ??يل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال جنوري ۾ نون بئنڪ ن??ٽن جي سيريز جي موضوعاتي ڊزائين ۽ آئيڊياز لاءِ آرٽ جي مقابلي جي اعلان سان گڏ بئنڪ جي نون ن??ٽن جي سيريز جي ڊزائيننگ جو عمل شروع ڪيو هو، آرٽ مقابلي جو مقصد مقامي فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي لاڳو بهترين ضابطه عمل موجب ڊزائين جي تياري جي عمل ۾ عوام کي شامل ڪرڻ هو. مقامي فنڪارن طرفان جمع ڪرايل ڊزائينن جو جائزو معزز ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ورتو ۽ ان مقابلي جي فاتح انٽريز جو اعلان 5 سيپٽمبر تي ڪيو ويو. آرٽ جي مقابلي جي انهن نتيجن جي اعلان کي ميڊيا ۽ ڪجهه عوامي حلقن طرفان نون بئنڪ ن??ٽن جي سيريز جي ڊزائينن جي شارٽ لسٽنگ طور تي تعبير ڪيو ويو، تنهن هوندي به آرٽ مقابلي جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ جو مقصد رڳو فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ انعامن سان نوازي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو. تجويز ??يل نئين سيريز جي حتمي ڊزائين چٽاڀيٽي جي عمل ذريعي چونڊيل مشهور عالمي ڪمپنين طرفان ڊزائين ڪئي پئي وڃي. ??هي ڪمپنيون هلندڙ سال ڊسمبر تائين نئين ڊزائين لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون ۽ اسٽيٽ بئنڪ بورڊ طرفان منظور ??يل ڊزائيون جنوري 2025ع تائين حتمي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي پيش ڪيون وينديون. اسٽيٽ بئنڪ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين جي بئنڪ ن??ٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪندي.