اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتم ا??نبيين، سرور ڪونين حضرت محمدﷺ جي ولادت باسعادت جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبيﷺ 17 سيپٽمبر اڱاري تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. مذهبي معاملن جي انتظام هيٺ قومي سي??ت ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته سڄي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن ۾ عيد ميلادالنبيﷺ جا جلوس ۽ ٻيون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن. مسجدن، ڪاروباري مرڪزن ۽ اهم نجي سرڪاري عمارتن کي رنگ برنگي بتين سان س??نگاريو ويو ۽ ڏينهن جي شروعات مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪي ترقي، سلامتي، خوشحالي ۽ مسلم ا??مت جي اتحاد لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي. عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي فجر جي نماز کان پوءِ گادي واري هنڌ ?? 31 ۽ صوبائي گاديءَ واري هنڌ 21-21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ ميلاد جلوسن جو اهتمام ڪيو ويندو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ به ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ قومي سي??ت ڪانفرنس ٿيندي. هلندڙ سال سي??ت ڪانفرنس جو موضوع رياست جو تعليمي نظام سي??ت النبيﷺ جي روشنيءَ ۾ آهي. سي??ت ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ناميارا عالم سڳورا، مذهبي اسڪالر، نامياري نعت خوان ۽ سفارتڪارن س??يت اهم شخصيتون شرڪت ڪندا.