اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پ??ڪس??اني خاص اُڏام ذريعي پ??ڪس??ان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پ??ڪس??انين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پ??ڪس??اني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پ??ڪس??ان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان ک?? دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن ک?? مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پ??ڪس??ان واپس آياسين. وطن آيل هڪ پ??ڪس??اني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن واپسيءَ تي پ??ڪس??انين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آ??ي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين ک?? سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پ??ڪس??اني قيدين ک?? وطن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان پ??ڪس??اني قيدين جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ادا ڪيو.