ر??اض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ع??ب جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ر??اض کان دوحه، قطر روانو ٿي ويو. ر??اض جي ن??ئب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز شاهه خالد عالمي هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پاڪستان جو سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ موجود هئا. وزيراعظم ????اض ۾ اٺين فيورچ انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب پڻ ڪيو. وزيراعظم فورم ۾ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي صلاحيت ۽ حڪومت پاران معاشي سڌارن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ??ي اعليٰ سعودي قيادت خاص طور تي سعودي ع??ب جي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان پڻ ٻطرفي ملاقات ٿي جتي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هئا.