اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ??جل??س منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ زر??ي زمين کي رهائشي مقصدن جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان حوالي سان گڏ??ل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي زور ڀريو. ??جل??س ۾ چئ??ي صوبن جي مختلف کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي زمين جي استعمال کي باقاعده استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن زر??ي زمين کي رهائشي مقصد لاءِ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. ??جل??س جو مقصد زر??ي زمين جي اثرائتي استعمال لاءِ گڏ??ل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ هو. ??جل??س دوران پنجاب جي نمائندن ٻڌايو ته زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جاري آهي جڏهن ته 11 شهرن جا ماسٽر پلان ڊسٽرڪ پلاننگ اينڊ ڊزائين ڪميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن ۽ باقي منصوبا نومبر جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي نمائندن ??جل??س دوران ٻڌايو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي نمائندن جو چوڻ هو ته 6 شهرن لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ هدايتن جو انتظار آهي. وفاقي حڪ??مت کي هدايت ڏني وئي آهي ته زر??ي زمين کي رهائشي مقصدن لاءِ باقاعدگي طور تي تبديل ڪرڻ لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. جنهن ۾ صوبن جون تجويزون پڻ شامل ڪيون وڃن،.