غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ميگا ترقياتي منصوب?? جي تڪميل سان ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ جديد شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ سان هي خطو خوشحال ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوب?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته گلگت بلتستا?? جي عظيم ۽ محب وطن ڀينرن ڀائرن سان ملي خوشي ٿي، غذر جي علائقي جو اڄ دورو ڪيو جتي 2022ع ۾ قدرتي آفت آئي هئي ۽ اتي پوري ڳوٺ جو نشانو مٽجي ويو هو، آگسٽ 2022ع ۾ هتان جو دورو ڪيو هو، تباهي ڏسي ڏک ٿيو، هڪ معصوم ٻارڙي ۽ سندس والد زندهه بچي ويا هئا، ان وقت ان ڳوٺ جي بحالي جي هدايت ڪئي هئي، اتان جا ماڻهو اڄ پنهنجي گهرن جا مالڪ بڻجي ويا، زندهه بچي ويندڙ قوم جي ڌيءَ جي لاءِ پاڪستا?? جي حڪومت 50 لک رپيا سندس اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا هئا جيڪي اڄ 67 لک رپيا ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان سڀ الله تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪريون ٿا، قوم جي اها ڌيءَ محنت ڪ??ي باوقار زندگي گذاريندي، ان ڌيءَ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سردين ۾ بجلي جو مسئلو شدت اختيار ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي مسئلي ۽ يونيورسٽين ۾ ذهين شاگرد?? جي تعليم سميت انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٺوس فيصلا ڪيا. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي 2 منصوب?? جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، انهن منصوبن تي تڪميل کان اڳ جيالوجيڪل سروي سميت مختلف سبب?? جي ڪري ڊگهو وقت گهربل هوندو آهي. هن چيو ته سردين ۾ بجلي جي طلب 450 ميگاواٽ تائين پهچي وڃي ٿي جيڪو وڏو چئلينج آهي، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ا?? جي شروعات ڪئي هئي، يونيورسٽي آف بلتستان ۽ ٻين منصوبن تي عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ڪجهه منصوبا مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستا?? جي لاءِ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي هڪ سئو ميگاواٽ شمسي توانائي جو منصوبو لڳائيندي جيڪو هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پنهنجي ذاتي نگراني ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪرائيندس. وزيراعظم چيو ته بلتستان يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن ما?? جيڪي پنهنجي فيس ادا نه ٿا ڪري سگهن ان مد ۾ ٻنهي يونيورسٽي?? جي لاءِ 50، 50 ڪروڙ رپين جو فنڊز رکنداسين جنهن سان انهن شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا. هن چيو ته مواصلات وارو سيڪريٽري رست?? جي معامل?? جي حل لاءِ پوري گلگت بلتستان جو دورو ڪندو، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزير امير مقام?? ڪشمير معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير ۽ گلگت بلتستا?? جي چيف سيڪريٽري کي عوام جي مسئلن بابت تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ان بابت فوري فيصلاسازي ٿي سگهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ موجود نوجوان اسان جو وڏو اثاثو آهن، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن، ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، ان سان ڪروڙين نوجوان باوقار طريقي سان روزگار حاصل ڪري سگهندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت کي تيزي سان وسعت ڏئي رهيا آهيون، ان جو نوجوانن ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته گلگت بلتستا?? جي غيرتمند ۽ بهادر عوام عظيم قربانيون ڏئي ڊوگره راج کان آزادي حاصل ڪئي. هن يقين ڏياريو ته شهيدن جون قربانين ڀلي قيام پاڪستا?? جي لاءِ هجن يا گلگت بلتستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجن اسا?? جي بزرگن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن جو رت رنگ آڻيندو ۽ پاڪستان عظيم بڻجندو. هن چيو ته گلگت بلتستان خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت جي فروغ جي لاءِ پنهنجي قطر ۽ سعودي عرب جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ سيڙپڪاري ٿيندي، هتي سڄي دنيا مان سياح ايندا، هي خطو خوشحال ٿيندو، پاڪستان عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو.