اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ 14 هين پا??ستان – يورپي يونين گڏيل ڪميشن جي اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ پهريون مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. پا??ستان– يورپي يونين گڏيل ڪميشن جون 14 هون اجلاس 19 کان 21 نومبر 2024ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هلندڙ سال جي اجلاس جو مقصد پا??ستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ گڏيل دلچسپي ج?? شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ آهي ج??هن ۾ جمهوريت، حڪمراني، انساني حقن، اقتصادي ترقي ۽ واپار شامل آهن. ڪالهه خميس ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب پا??ستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ تعاون جي معاهدي تحت گڏيل ڪميشن جي ج??ڙجڪ آرٽيڪل 16تحت ڪئي وئي هئي ج??ڪو هڪ ساليانو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو، جتي ٻئي ڌريون اهم شعبن ۾ ڳالهيون ڪن ٿيون. ان اجلاس دوران ٻنهي ڌرين گذريل اجلاسن جي نتيجن تي ٻڌل قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. اجلاس دوران وفاقي وزير پا??ستان جي يورپي يونين سان مضبوط ۽ تعميري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته گڏيل ڪميشن هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي ٻئي ڌريون پنهنجي گڏيل هدفن کي حاصل ??رڻ لاءِ کليل ۽ تعميري انداز ۾ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا ۽انهن مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهن ٿا جيڪي انهن جي خطن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. اجلاس دوران پا??ستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ حصيداري ج?? اهم شعبن ۾ تفيصل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان ۾ جمهوريت، حڪمراني ۽ انساني حقن ۾ بهتري لاءِ پا??ستان ۾ ڪيل سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جن جو مقصد شفافيت وڌائڻ ۽ ادارن کي مضبوط ??رڻ آهي. ان سلسلي ۾ نيشنل ايڪشن پلانز جي تڪميل، صحافين جي حفاظت، صنفي برابري، عورتن ۽ ٻارن جي حقن، اقليتي برادري ج?? حفاظ?? ۽ ??دليه جي آزادي ج??ڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير پا??ستان جي هاڻوڪن قدمن تي روشني وڌي ج?? جو مقصد گمراهه ڪندڙ ڄاڻ کي پکيڙڻ کان روڪڻ، ڊجيٽل حقن جو تحفظ ??رڻ ۽ حساس ڪميونٽي ج?? حقن کي يقيني بڻائڻ آهي. هن پا??ستان جي ان عزم کي ورجايو ته هو عالمي معيار موجب انهن قدمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندو، جڏهن ته پا??ستان جي ثقافتي ۽ سماجي قدرن جو احترام به ڪيو و??ندو.