اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي ??يجيٽائيزيشن کي حڪومت جي معاشي سڌارن ??ي حوالي سان سنگ ميل قرار ڏيندي ڊيجيٽائيزيشن جي هدفن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ ۽ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ??يجيٽائيزيشن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر جي ??يجيٽائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حڪمت عملي تي زور ڏيندي چيو ته ايف بي آر جي ??يجيٽائيزيشن جي حوالي سا?? اهم اڳڀرائي ٿي آهي، هن ان حوالي سان ناڻي واري وفاق?? وزير، ناڻي واري مملڪت?? وزير، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري سيڪريٽري جي ??وششن کي ساراهيندي چيو ته معاشي ٽيم جي ??وششن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، فسڪل اسپيس وڌڻ خوش آئنده آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اوڳاڙين کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ٺاهيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان سخت قدمن ۽ ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سا?? اهم ڪمن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسمگل ٿيل ٻارڻ جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي ??ري پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو نومبر 2024ع ۾ 25 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ 1.58 ملين ٽن تائين رهيو جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هر سال 15 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو توانائي جي مارڪيٽ ۾ بحالي جي نشاندهي ڪري ٿو. وزيراعظم پيٽرول جي اسمگلنگ جي خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته کنڊ جي برآمد جي وقت سر فيصلي جي ??ري پاڪستان کي 500 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو مليو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايف بي آر جي ??يجيٽائيزيشن جي حوالي سان اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ويليو چين جي ??يجيٽائيزيشن بابت سمورو ڪم مارچ 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، شگر انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سيمنٽ انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جي حوالي سان ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم سيمنٽ انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي لاءِ سسٽم ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ننڍي ڪاروبارن ??ي ڊيجيٽل انوائسنگ جي حوالي سان موبائيل فون ايپلي ڪيشن هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، پرآل جو نئون بورڊ جوڙيو ويو آهي، پرآل جو هارڊ ويئر ۽ ڊيٽا سينٽر اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ جي حوالي سان سينٽرل اسيسمنٽ يونٽ ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 31 ڊسمبر 2024ع کان ڪم جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊ??ر، منصوبابندي واري وفاق?? وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاق?? وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاق?? وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاق?? وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪت?? وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن ??رڪت ڪئي.