اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي سميت غزه جي پٽيءَ ۽ اولهندي ڪناري ۾ امدادي ڪاررو??ين جي لاءِ قائم گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو ??ين آر ڊبليو اي) جي خلاف پابنديون هٽائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ا??ان فلسطين ۾ دشمني جي فوري خاتمي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جي تحفظ، فوري ضرورتمندن تائين ??يرمحدود انساني همدرديءَ جي پهچ، يو ??ين آر ڊبليو اي کي مڪمل تعاون ۽ ان جي لازمي ا??ساني سرگرمين ۽ فوري ضرورتمندن کي صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪريون ٿا. ترجمان عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها اسرائيل کي ا?? جي جنگي ڏوهن ۽ والاريل علائقن ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏي.