اسلام آباد – 06 – جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهيد اعت??از حسن بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلور?? کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي، اعت??از جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم شهيد اعت??از جي ورسيءَ جي موقعي تي چيو ته اڄ اسان خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو سان تعلق رکندڙ پاڪ مٽيءَ جي فرزند شهيد اعت??از حسن جي شهادت کي ياد ڪري ڏکويل آهيون جنهن جي غيرمعمولي جرئت اسان جي لاءِ اميد جو ڏيئو آهي. وزيراعظم چيو ته رڳو 15 سالن جي عمر ۾ اعت??از بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلو?? کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي. هن چيو ته اعت??از جو بي لوث ۽ پختو عزم اسان کي ياد ڏياري ٿو ته همت ۽ بهادري جو هڪ عمل ڪيترين ئي زندگين کي ب??ائي سگهي ٿو، اعت??از جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.