اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ ر??ار?? اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون ??هجي ويون، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سي??ڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سي??ڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ ر??ار?? اضافو اسان جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڪ ?? قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ ر??ار?? اضافي سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون ??هجي ويون. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.