اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته قانون و??ري وفاقي وزير زاهد حامد جي سربراهي ۾ قانوني معاملا اڪلائڻ بابت وفاقي ڪابينا جي اس??ين??نگ ڪميٽي 30 سيپٽمبر تي ڄاڻ تائين رسائي جي حق جي تجويز ڪيل بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تجويز ڪيل بل منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، اطلاع تائين رسائي جي موجوده قانونن ۽ وفاق?? سطح تي قانونسازي جي ضرورت جي موضوع تي هتي هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چ??و ته اطلاع تائين پهچ جي بل تي عملدرآمد عوام جو مطالبو آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميد??ري پوري ڪندي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ هي بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ڇو ته تجويز ڪيل بل کي اتفاق راءِ سان حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ ان بل کي قانون ٺهڻ ۾ وڌيڪ دير نه لڳندي