ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي، عالم حق، رياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد حملن کي اڳتي وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، دهشتگرد ڪو به حربو اس??عمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. اه??ن خيالن جو اظهار هن ڊيره اسماعيل خان دهشتگرد حملي ۾ ??خم?? ٿيندڙن جي ??يا??ت کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ ??خم?? ٿيندڙ جوانن جا حوصلا بلند آهن، آئون انهن کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان پر انهن جوانن مون کي حوصلو ڏنو آهي ۽ اهي جوان ??خم?? ٿيڻ جي باوجود دشمن جو مقابلو ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. هن چيو ته حملي آورن کي خبردار ڪري رهيو آهيان ته اهي جنگ هارائي چڪا آهن، رياست پاڪستان اها جنگ کٽي چڪي آهي، هو هارايل جڏهن ته اس??ن کٽيل جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندڙ شهيد ۽ ??خم?? الله آڏو سرخرو ٿيندا، هن کٽيل جنگ ۾ جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ڪامران ۽ جنت ۾ راحت ۾ هوندا جڏهن ته خوارج دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا هوندا، اهي دوزخ جا جا هيـٺئين درجي وارا ماڻهو آهن. نگران وزيراعظ?? چيو ته عالم حق، رياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد اس??ن کي موت کان ڊيڄاري نه ٿا سگهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اس??ن وڌيڪ قربانين جي لاءِ پڻ تيار آهيون، دهشتگرد حملن جو اڳتي وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگرد ڪو به حربو اس??عمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. ان موقعي تي هن دهشتگرد حملي ۾ ??خم?? ٿيندڙن جي ??يا??ت پڻ ڪئي.