اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ، ايوان کي هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي گڏيل ذم??داري ۽ فرض آهي، مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هن وقت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي پارليامينٽ ??ي آهن، مخالف ڌر ضدي ۽ ناراض ٻار جو ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي، پارليامينٽ ميمبرن کي پگهار قوم جي پئسن مان ئي ملندو آهي، ان لاءِ کين قومي مفاد ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي قانونسازي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت ??ي وڌيڪ ذم??داري آهي ۽ وزيراعظم عمران خان به چاهي ٿو ته موثر قانونسازي جي ذريعي اهو معاملو پڄاڻي تائين پهچي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خاص معاون چيو ته مخالف ڌر ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري ر??ي آهي.