اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه قوم شهداءِ پوليس ڏهاڙي جي موقعي تي پوليس جي بهادر شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پ??ش ڪري ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تح??ظ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ انهن فرزندن تي اسان ک?? فخر آهي. هن چيو ته ڏوهاري ۽ سم??ج دشمن عنصرن جي خلاف برسرپيڪار انهن بهادرن کي اسان جو سلام آهي.