اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته منهنجي والد احمد فراز کي پاڪستاني عوام کان بي مثال محبت ملي، هُن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه رکيو، امن، محبت ۽ انسانيت سندس ج?? ادبي خدمتن ۽ عملي زندگي جو محور رهيو، مون کي سدائين پنهنجي والد جي شاعري مان رهنمائي ملي آهي، نوجوانن کي احمد فراز ج?? شاعري ۽ تعليم مان فائدو کڻڻ گهرجي، لکندڙن کي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻيون پونديون، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ياد رکنديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهره آفاق شاعر ۽ اديب احمد فراز ج?? 12 هين ورسي جي موقعي تي انهن جي قبر تي حاضري، فاتحه خوان?? کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ اڪيڊم?? ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ احمد فراز ج?? ياد ۾ دعائيه گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.