اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان سان مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل ايس اوي پي هواوي ٽيڪنالاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو ??زي?? امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري ب??رڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر ع??يم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.