مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري ر??يا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پاڪستان ج?? فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪائي ر??يا آهن ان ??ان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هت?? فوج جي خلاف ڳالهائي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چئي ر??يا آهيون، شريف ۽ زرداري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ ??ان وڏو ظلم ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري پاڪستان کي رياست مدينه وانگر فل??حي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي مينگوره ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.