پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جا وسيلا محدود آهن ۽ حڪومتي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي جنهن جي ڪ??ي حڪومت لاءِ سڄي ملڪ جي هر علائقي ۾ جديد اسپتالن جو قيام سرڪاري فنڊز مان ممڪن نه آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن هڪ ??رف پرائيويٽ اسپتالن جي قيام جي حوصلا افزائي ڪ??ي وڃي ۽ ٻي طرف صحت سهولت ڪارڊ جهڙين اسڪيمن تحت عوام کي سرڪاري خرچ تي نجي اسپتالن ۾ علاج جي جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهو ملڪ جي عوام جي مفاد ۾ آهي. هو پشاور ا??سٽ??ٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) جي افتتاح کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.