اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياس?? سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي ??نجائش موجود آهي، هن چيو ته س??ڙپ??اري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي ??ڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن س??ڙپ??اري جا امڪان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.