اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياحت، وڻن ۽ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن، اسان جي بلند پهاڙن ۽ گليشيئرز جو سوئيٽزرلينڊ به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، سياحتي علائقن جي زوننگ سان گڏوگڏ بائي لاز به ٺاهڻا پوندا، سياحت سان ملڪ جي آمدني وڌندي، مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار ??لند ٿيندو، زرعي پيداوار ۾ ??ضا??ي جي لاءِ پراڻن طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي تي وڃڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظه??ر پشاور دره آدم خيل روڊ جي بحالي ۽ بهتري ۽ چترال شندور رستي جي بحالي ۽ توسيع جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.