اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات تم??م گهڻي بهترين رهي، اهو ٻڏائيندي خوشي ??حس??س ٿي رهي آهي ته برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم 16 سالن کانپوءِ ٻيهر هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي دوري تي اچي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ايندڙ سال ڪرڪيٽ ٽيسٽ سيريز سان ڀريل هوندو. هن چيو ته سريلنڪن ٽيم تي حملي کانپوءِ اسان گهڻو ڊ??هو سفر طئي ڪيو آهي.