اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائ?? حڪومتن تي زور ڏنو آه?? ته هو بلد??ات?? حڪومتن بابت پنهنجي ذميداري پوري ڪن، بلد??ات?? نظام سان جمهوريت مستحڪم ٿيندي آهي جڏهن ته اسلامي اصولن تحت عوام جي هيٺين سطح تي ڀلائي ۽ ترقي ۾ مدد ملندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقام?? حڪومتن بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي دوران مقام?? حڪومتن بابت اتفاق راءِ سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين پاڪستان ۾ به ڪيترائي ڀيرا مقام?? حڪومتن جو ذڪر ڪيوو يو آهي، هن چيو ته رياست موثر بلد??ات?? نظام جي ذميدار آهي ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهو صوبائي معاملو آهي ۽ صوبن کي بلد??ات?? نظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اختيارن جي روهاست جمهوريت جو حسن آهي، جمهوري?? حڪومت ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، آمريت جي دور ۾ بلد??ات?? نظام تي وڌيڪ ڀاڙيو ويندو آهي. هن چيو ته دنيا جون پراڻيون تهذيبون دريائن جي ڀرپاسي موجود هيون، سنڌو درياءُ ج?? تهذيب ۾ بلد??ات?? نظام جا آثار نظر اچن ٿا ڇو ته ان دور ۾ سيوريج ۽ پاڻي جو مناسب انتظام هو، هن چيو ته بلد??ات?? نظام بابت ماضي ۾ ڪجهه خامي??ن هيون تنهن هوندي به ان حوالي سان آئين ۽ قانون ۾ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هر ملڪ جي جمهوريت ٻين کان مختلف هوندي آهي، اهڙي طرح ڪو بلد??ات?? نظام به هڪ جهڙو ناهي هوندو، هن چيو ته مقامي سطح تي پاڻ ۾ جهيڙو جرڳي ۽ پنچائت جي ذريعي حل ڪيا ويندا هئا، هن چيو ته بلد??ات?? نظام بابت ڪانفرنس ۾ ڏنل مشورن کي سياسي حمايت حاصل آهي، اسان کي ماضي جي غلطين ۽ ٻين جي چڱاين مان سکڻ گهرجي، اسان کي منصوبابندي ۽ پرعزم ٿي ڪري پنهنجي سوچ تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسلامي تاريخ ۾ حضور اڪرم ﷺ جن خلفاءِ راشدين ۽ اعليٰ عملدارن کي جيڪي ذميداريون ڏنيون ان مان هڪ ذميداري عوامي خدمت هئي، ان جو ماڻهن سان رابطو رکڻ ضروري هو، هن چيو ته ڪنهن به عهدي تي ذميدار جو زندگي جو معيار اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي موجب هجڻ گهرج?? ته جيئن ان ۾ ماڻهن جو احساس پيدا ٿي سگهي، گهر جو دروازو سدائين کليل رکيو، ماڻهن سان رابطو رکو ۽ انهن جي خدمت ڪريو، انهن جي پريشانين جو احساس ڪرڻ سياسي عزم آهي، سمورين سياسي پارٽين ۾ اهو جذبو هوندو آهي، هن چيو ته بلد??ات?? نظام ۾ اختيارن کي منتقل ڪيو ويندو آهي، وسيلن جي ورهاست ڪئي ويندي آهي، طاقت ۽ اختيارن ۾ گهٽتائي آندي ويندي آهي، انتظاميه جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، انتظامي خدمتن کي ورهايو ويندو آه?? ته جيئن مقامي ماڻهن کي نوڪريون ملي سگهن. صدر چيو ته اختيارن جي ورڇ جو مقصد اهو آه?? ته نه ئي ڪنهن جي اجاره داري قائم ٿئي ۽ نه ئي انارڪي پيدا ٿئي، ان موقعي تي صدر شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا.