اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪري ??ڏيو. هن اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ان پروگرام جو افتتاح ڪيو، ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ مان غربت جي خاتمي ۾ ا??م ڪردار ادا ڪندو. ان پروگرام تحت 14 سئو ارب جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ويندا، ڪامياب پاڪستان پروگرام جا پنج حصا آهن. ڪامياب آبادگارن جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪ??رو??ار پروگرام تحت ڪ??رو??ار لاءِ پنج لک تائين بنا وياج جا قرص ڏنا ويندا. سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ ??ي سهولت هوندي، حڪومت جي ڪاميابي سان جاري فني مهارت اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو.