اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي رياض ۾ پنهنجي سعودي هم منصب شهزاد فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو ت??ا??ن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ماحوليات جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي ان??قا?? تي سعودي هم منصب کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي سان منعقد اها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي، شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس جي ان??قا?? سان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اخ??يا?? ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات?? جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو ت??ا??ن وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي افعانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.