اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ق??م کڻي رهي آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس راشن پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وز??را??ظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، وز??را??ظم جي سياسي معاملن واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سميت لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم سردار عبدالقيوم خان نيازي وڊيو لنڪ جي ذر??عي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وز??را??ظم چيو ته حڪومت عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ق??م کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن جي خبر آهي اسان غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ان کان اڳ وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته احساس راشن پروگرام تحت ملڪ جي ان 2 ڪروڙ گهرن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي هڪ هزار روپين جي ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي ماهوار آمدني 50 هزار روپين کان گهٽ آهي، وز??را??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام 15 ڊسمبر کان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو، پروگرام تحت ڪريانه اسٽورن جي رجسٽريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان سلسلي ۾ ڪريانه اسٽورن ۽ ممڪنه فائدو وٺندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت جي عملدارن کي به متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.