اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??ريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪ??ٽ واقع?? جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪ??ٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيالڪ??ٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.