راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ۾ سهڪار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ??يس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي ن??اه?? سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ ??فغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي چيف افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ??روري آهي ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ ??مورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ڪردار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ??اص ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.