اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سيد يوسف رضا گيلاني شريف ماڻهو آهي، استعيفيٰ بلاول يا زرداري جي بڻجي ٿي جن جي چوڻ تي پيپلزپارٽي جا سينيٽر نه آيا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سيد يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ جي اعلان تي تبصرو ڪندي هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت پنهنجي پارٽين جي ليڊرشپ جي ڪرتوتن کان پ??يشان به ??هي ۽ شرمنده به، بهرحال انهن پ??رٽين ۾ تبديلين جو سفر خوش آئنده آهي.