اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي ??ياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منت??ر آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي ??والي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 فيبروري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿين خالي ڪشميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادري کي باور ڪرايو ته ڪشمير مسئلي جي ??والي سان توهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو ويو هو ته گڏيل قومن جي ??رپرستي ۾ انهن کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي ??اءِ جو احترام ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي ??اريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪشميرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنج فيبروري تي يڪجهتي جي ??ظهار جي ??ريعي مظلوم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان انهن سان گڏ انهن جي ??ودمختياري واري حق جي ??دوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي ??ياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي ??نيادي حقن جي پائما??ين جي ??لاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 فيبروري تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.