لاهور – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ??دم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، اسان کي ان مان ڪو به خطرو نه آهي، اتحادي گڏ آهن، پهرين معيشت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اليڪشن ۾ ا??ان وقت آهي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. لاهور جي نجي اداري ۾ استادن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ??يڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ??ر??ر آڻي. گذريل ڏينهن پرويز الاهي سان ملاقات ٿي آهي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه بڻجڻ گهرجي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو دورو ڪيو ۽ صدر يو ايم ٽي ابراهيم حسن مراد س??ن ملاقات ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو ت??ارف ڪرائيندي اسپيڪر کان پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسپيڪر اسد قيصر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ابراهيم مراد کان يو ايم ٽي سان تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ ا??ڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.