اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جديد ??يڪ??الاجي جي استعمال سان اهم دستاويزن کي محفوظ ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان س??مي??ار کي خطاب ڪندي ڪيو. س??مي??ار ۾ ايف بي آر?? وفاقي ٽيڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ مختلف واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت، وسيلن جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي?? وفاقي ٽيڪس محتسب شڪايت ڪندڙن کي گذريل سال 8.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو?? وفاقي محتسب جو ادارو ڪاريوباري برادري جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني يدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ ??ير??روير دير سان ٽيڪس ڏيندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته عوام ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، بدانتظامي جي خلاف انصاف جي لاءِ ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪري، جديد ??يڪ??الاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، بلاڪ چين ٽيڪانلاجي جي مدد سان فنڊز جي چوري، ڪرپشن ۽ رشوت خوري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، جديد آءِ ٽي لوازمات جي مدد سان ٽيڪس ڏيند??ن کي جلد ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطي جي ضرورت آهي، ٽيڪس ادارن?? وفاقي محتسب جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي بابت ماڻهن کي آگاهي ڏين جي ضرورت آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد ??يڪ??الاجي سان اهم دستاويزن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ??يڪ??الاجي سان ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملي وڃي ٿي. صدر چيو ته جديد ??يڪ??الاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ ??يڪ??الاجي سان مدد ملي ٿي، جلدي جي فيصلن سان انصاف جو اصول متاثر ٿئي ٿو جڏهن ته ??ير??روري دير به ڪجهه وقتن تيڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ 25، 30 لک ٽيڪس فائيلرز آهن جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عوامي آگاهي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه پڻ آگاهي س??مي??ار کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽيڪس محتسب ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي ۽ بدانتظامين جي خلاف عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيو آهي، عوام کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ??يڪ??الاجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل 5 سالن ۾ ٽيڪس محتسب 27 ارب رپيا ريفنڊ ڪرايا آهن. صدر س??مي??ار ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب ويب پورٽل جو پڻ افتتاح ڪيو.