اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مستقبل جو عالمي نظام اخ??اقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي ??هم??ت حاصل آهي، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخ??اقي قدر آهن، ڪاروبارن ۾ به انهن رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيلي نار پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪاروبار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ڪاروباري شعبي ۾ اخ??اقي اصولن جي ??هم??ت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪاروبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي نظامن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪاروبار منافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آهي، هن چيو ته بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيندي پر ان جا ٻيا اخ??اقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، صدر چيو ته موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيو?? ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مستقبل جي لاءِ اخ??اقي اصولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي ??هم??ت آهي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو اخ??اقيات ۽ انساني همدردي جي اصولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان مناسبت سان اسان ڪاروبار ۾ اخ??اقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آهي.