اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع جو ڏينهن قومي جذبن جي ت??مير ۽ خوابن جي ت??بير جو ڏينهن هو. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ??و مقصد پاڪ زمين کي هڪ اسلامي جمهوري ۽ فلاحي ??ياست بڻائڻ هو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز جي فلاحي ??ياست بڻائڻ جي ايجنڊا تي ??مل ڪري رهيو آهي.